عاشق هالائي

عاشق هالائي

عاشق هالائي

عاشق هالائي: نئين ٽهيءَ جي شاعر عاشق هالائيءَ جو اصل نالو عاشق حسين ولد الهه بخش ميمڻ آهي. هي 27 جولاءِ 1961ع تي هالا پراڻا تعلقي هالا ضلعي مٽياري ۾ ڄائو. مئٽرڪ تائين هالا پراڻا ۾ پڙهيو، انٽر سائنس سروري اسلاميه ڪاليج هالا، ايم. اي انجنيئرنگ مهراڻ يونيورسٽي ڄام شورو، ايم. اي اڪنامڪس ۽ ايل. ايل. بي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. 1987ع ۾ انڊسٽريل ڊيولپمينٽ بئنڪ آف پاڪستان (IDBP) ۾ آفيسر طور ڀرتي ٿيو، جتان محنت ۽ ذهانت سبب ترقي ڪري اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ (AVP) جي عهدي تي مقرر ٿيو. عاشق هالائي شاگردي واري دور کان ئي علم و ادب سان لاڳاپيل رهيو. سوز هالائيءَ کان شاعريءَ ۾ اصلاح ورتائين. ادبي حوالي سان مخدوم محمد زمان طالب المولى سان پڻ سندس گهڻي نياز مندي رهي. عاشق هالائيءَ 1981ع ڌاري هالا پراڻا ۾ ‘بزم طالب المولى’ شاخ قائم ڪئي، جنهن جو افتتاح مخدوم محمد الزمان طالب المولى ڪيو ۽ کيس شاخ جو پنجن سالن لاءِ بنيادي صدر مقرر ڪيو. هن پنجن سالن تائين صدر رهي پنهنجي ذميواري کي سٺي نموني نڀايو. ان کان سواءِ هي ‘سنڌ فرينڊس فورم’، ‘سنڌ فرينڊس آرگنائيزيشن’ ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جو به عهديدار رهيو آهي. هن شاعريءَ جي سڀني صنفن تي لکيو آهي، پر غزل جي صنف سان گهڻو نڀايو آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو 2010ع ۾ ڇپيو، سندس شاعري سنڌ جي ڪيترن مشهور فنڪارن ڳائي آهي. سندس هڪ گيت ‘مان سنڌ آهيان’ بمبئيءَ جي مشهور اديب ۽ فلمساز مدن جماڻيءَ پاران تيار ڪيل ڊاڪيومينٽريءَ ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي.


لفظ عاشق هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.07.27  عيسوي

عاشق هالائيءَ جو اصل نالو عاشق حسين ولد الهه بخش ميمڻ آهي. هي 27 جولاءِ 1961ع تي هالا پراڻا تعلقي هالا ضلعي مٽياري ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهاري لال
پريت رخسانه
بلبل رئيس شمس الدين
پلي نمرو
سوامي سترامداس سڪايل
ستار سروهي
زرڪ خان لاشاري
سرلا ديوي ڊاڪٽر
اويس ‘قرني’
برڪت بلوچ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون